تانپورو

تانپورو

تانپورو ڪلاسيڪي ساز

تانپورو (ڪلاسيڪي ساز ): موجوده رواج ۾ آيل سازن ۾ ڪلاسيڪي موسيقارن وٽ گهڻو استعمال هيٺ آهي. هن قديم ساز جا نقش مصر جي اهرامن جي مصوريءَ ۾ به ملن ٿا، جنهن مان اندازو آهي ته چار هزار سال اڳ ۾ مصرين وٽ هي ساز هو ۽ شايد هو ئي ان جا موجد چئي سگهجن ٿا. گويا هن تان سُر جي آس وٺندا آهن، تنهن ڪري تانپوري جي تارن کي ڳائڻ واري جي قدرتي بنيادي سُرَ سان ملايو ويندو آهي. تانپوري جي ڏنڊي اڍائي ٽي فٽ ڊگهي ۽ 5-6 انچ ويڪري شاهه بلوط جي ڪاٺيءَ مان نڪتل ٿئي ٿي ۽ هيٺ ڪَدوءَ جو وڏو تنبو جَڙيل هوندو اٿس. ڏنڊي جي مٿان چار تارون چڙهيل هونديون آهن، جيڪي مٿي چاٻين سان ۽ تنبي جي هيٺيان ٻڌل هونديون آهن. تارن کي تنبي کان کڙي رکڻ لاءِ اڳي ٺڪري يا عاج جي، هاڻي پلاسٽڪ جي آڏ جيڪا ويڪر ۾ مني انچ جي ٿئي ڏيندا آهن. وچ واريون ٻه تارون ڳائيندڙ جي بنيادي سر سان ملائبيون آهن. انهن کي جوڙو چئبو آهي. کاٻي پاسي واري تار پنچم سُر تي ملائبي آهي، چوٿين ۽ هيٺين تار کي ٿلهي هئڻ سبب مندر سپتڪ جي کرج سان ملائبو آهي. ڳائڻ وارو متواثر ڳائڻ مهل انهن کي آنڱرين سان وڄائيندو رهندو آهي. ان کي ڇيڙ چوندا آهن. هي صرف آس جو ساز آهي، ان جون چار ئي تارون واري واري سان


هن صفحي کي شيئر ڪريو